شير واهه

شير واهه: هي واهه ضلعي بدين ۾ نندي شهر کان الهندي پاسي مان گذرندو هو، جيڪو گوني واهه مان مير شير محمد خان ٽالپر ڪڍرايو هو. ماڻڪاني ٽالپرن ان دور ۾ گوني واهه مان ٻيا به ڪيترائي واهه کوٽايا هئا. هي واهه تمام گهڻي زمين آباد ڪندو هو. هن واهه تي مير شير محمد خان ٽالپر جا خاص ماڻهو زمينون آباد ڪندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو